گئس ۽ کنڊ کان پوءِ قوم هاڻ اٽي جي بحران لاءِ تيار رهي: شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي اٽي جي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. شيري رحمان چيو آهي ته گئس ۽ کنڊ کان پوءِ هاڻ قوم اٽي جي بحران لاءِ تيار رهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته هاڻ سياري ۾ ماڻهن وٽ نه گئس هوندي نه ئي پچائڻ جي لاءِ اٽو، هن حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام کي ملي رهي آهي. تباهي سرڪار کي پنجاب فلورملز ايسوسيئيشن پهريان ئي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڇا اٽي جي بحران جو الزام به اپوزيشن مٿان هڻندو؟ فلورملز ايسوسيئيشن اڄ سراپا احتجاج آهي. ملز کي چيو پيو وڃي ته هو پاڻ ڪڻڪ خريد ڪري. حڪومت پاڻ ڪابه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. حڪومت بحران پيدا ڪري مافيا جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي.
پهريان ئي هڪ هفتي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي تي 80 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔