ثاقب نثارکي منهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪو اختيار ئي نه هو: راڻا شميم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي منهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪوئي اختيار نه هو

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا شميم چيو ته هو خبر ۾ ڏنل سمورين شين تي قائم آهيان، ثاقب نثار گلگت ۾ منهنجو مهمان هو، مون ثاقب نثار جي گلگت دوري تي ڪو به سرڪاري خرچ ناهي ڪيو هو

هن وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجي ملازمت ۾ ۾ واڌ گهرڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نه ٿي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ قانون موجب مون کي واڌ جو ڪو به اختيار نه هو، ثاقب نثار ڪير ٿيندو آهي مون کي توسيع ڏيڻ وارو

راڻا شميم وڌيڪ چيو ته حلف نامو ڪڏهن ۽ ڪنهن کي ڏنو هي هاڻي نٿو ٻڌائي سگهان، پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون سپريم ڪورٽون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ماتحت ناهن

هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي، مان ڪوئي سياسي شخصت نه آهيان جو سياسي بيان ڏيان، جيڪا به حقيقت معلوم هئي سامهون کڻي آيس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔