ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ نادرا ميگا سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ نادرا جا وڌيڪ ٽي ميگا سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن مان ٻه ميگا سينٽر ڪراچي ۽ هڪ حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويندو. نادرا اختيارين موجب ميگا سينٽرن ۾ ٻن شفٽن ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته اوڀر ضلعي ۽ ملير ڪراچي ۾ هڪ هڪ ميگا سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته لياقت آباد ۽ ڪورنگي ۾ نادرا رجسٽريشن سينٽر ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندا.

نادرا عملدارن موجب اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته وراثت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ عوامي مرڪز تي هڪ خاص سينٽر قائم ڪيو ويندو، ان کان علاوه شهر ۾ 4 ايم آر وين (موبائل رجسٽريشن وين) جو اضافو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري، ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي ۽ عمرڪوٽ جي تعلقي سامارو ۾ نوان مرڪز قائم ڪيا ويندا.حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ انهن نون منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔