انگ اکر لڪائڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، حڪومت ڪرپشن بند ڪري: بلاول

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت پاران مهانگائي بابت شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ روڪڻ جي مخالفت ڪندي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انگ اکر لڪائڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، حڪومت انگ اکر لڪائڻ بدران مافيا کي نوازڻ ۽ ڪرپشن بند ڪري. هن چيو ته آمريتي دور ۾ به مهانگائي جا انگ اکر عوام کان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي

ياد رهي ته وفاقي حڪومت شماريات واري اداري کي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ڪابينا شماريات کاتي کي مهيني جي رپورٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کانپوءِ شماريات ڊويزن هن هفتي کان مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري نه ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔