اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ووٽرز جي مجموعي تعداد جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ ووٽرز جو مجموعي تعداد جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي آهي

اليڪشن ڪميشن جي طرفان جاري ڪيل انگ اکر موجب ملڪ ۾ ووٽرز جو تعداد 12 ڪروڙ 11 لک 99 هزار 970 آهي جنهن ۾ مرد ووٽر جو تعداد 6 ڪروڙ 65 لک 6 هزار 171 ۽ عورتن جي ووٽن جو تعداد 5 ڪروڙو46 لک 93 هزار 799 ٿي وئي آهي

جاري ڪيل انگ اکرن موجب پنجاب ۾ ووٽرز جو تعداد 6 ڪروڙ 90 لک 49 هزار 301 آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 55 لک 82 هزار 625 رجسٽرڊ ووٽرز آهن

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ ووٽرز جو تعداد 2 ڪروڙو 6 لک 11 هزار 248 ۽ بلوچستان ۾ 50 لک 47 هزار 426 آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ اهل ووٽرز جو تعداد 9 لک 9 هزار 379 آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔