مهانگائي تي وس نٿو پڄي ته استعيفيٰ ڏيڻ ته عمران خان جي وس ۾ آهي: شهباز شريف

ڪراچي: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف مهانگائي تي وزيراعظم عمران خان کان هڪ ڀيرو وري استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته اٽي، کنڊ، گيهه، دوائن، بجلي، گيس، پيٽرول، معيشت ۽ مهانگائي تي وس نٿو پڄي ته استعيفيٰ ڏيڻ ته عمران خان جي وس ۾ آهي

شهباز شريف مطالبو ڪيو ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي عوام کي فوري رليف ڏيئي، کنڊ کانپوءِ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو عوام تي مهانگائي جي بمباري آهي، ظلم جي هي حڪومت نٿي هلي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔