اين اي 75 ڊسڪا تي ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي جي تصديق

اليڪشن ڪميشن ڊسڪا جَي تڪ اين اَي 75 تي ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي جِي تصديق ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ، ڊسڪه چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، چونڊ دوران پيش آيل واقعو سوچيل سمجهيل منصوبو هو، رٿابندي ۾ فردوس عاشق اعواڻ به شامل هئي.

اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه جي ننڍي چونڊ بابت جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن جِي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته  ڊسڪا جِي ننڍي چونڊ آزاد ۽ شفاف ماحول ۾ نه ٿي هئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز محمد اقبال چونڊ عمل ۾ هيرا ڦيري لاءِ اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي،

اجلاسن ۾ فردوس عاشق اعواڻ ۾ به شريڪ ٿي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز اڪبر گهمنِ غير قانوني طور پرزائيڊنگ آفيسرن کي گُهرائَي ووٽنگ عمل سُست ڪرڻ ۽ شهري علائقن ۾ ووٽنگ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ نه ٿيڻ ڏيڻ جِي هدايت ڪئي،. تعليم کاتي جي آفيسر قمر زمان جي آڊيو رڪارڊنگ ۾ غلط ٻولي ڳالهائي وئي.

اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب ، پرزائيڊنگ آفيسرن کي چيو ويو ته ضلعي انتظاميه ۽ پوليس جَي ڪم ۾ مداخلت نه ڪن ۽ پوليس جِي مدد سان ساڍي 4 وڳي پولنگ اسٽيشنز بند ڪري ڇڏين، پرزائيڊنگ آفيسرز منصوبي تحت نجي گاڏين ۾ پولنگ اسٽيشن تان روانا ٿيا، کين اڻڄاتل هنڌ رکيو ويو، آفيس پهچڻ کان اڳ پي اوز کي پوليس وين ۾ منتقل ڪري غير لاڳاپيل ماڻهن حوالي ڪيو ويو.

جاچ رپورٽ موجب، ڊسڪا ۾ چونڊ دوران چونڊ عملو ۽ حڪومتي کاتا پنهنجَي غير قانوني آقائن جَي هٿن ۾ ڪٺ پتلي بڻيل رهيا، گم ٿي ويل ٽن پرزائيڊنگ آفيسرن کي پوليس سيالڪوٽ ۾ ڪنهن شَڪِي جڳهه تي کڻي وئي، پوليس اهلڪارن گارڊز بدران اغوا ڪارن جو ڪردار ادا ڪيو.

رپورٽ موجب ڊپٽي ضلعي آفيس ڊسڪا طرفان پي اوز کي چيو ويو ته حڪومت کي فَيور ڏيو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جِي ڪاپي تي به ووٽ وجهڻ جِي اجازت ڏيو، لاڳاپيل ايس ايڇ اوز چونڊ عمل ۾ جوڙ ٽوڙ ۾ ڪردار ادا ڪيو. چونڊ عملي ۽ حڪومتي کاتن به پنهنجو مناسب ڪردار ادا نه ڪيو.  تعليم کاتي جو آفيسر مقبول شاڪر به پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

رپورٽ موجب ڊيوٽي کان معذرت ڪندڙ 17 پرزائيڊنگ آفيسرن جِي درخواست جِي رائيٽنگ ساڳي هئي، ڄاڻايل سڀني پي اوز جِي درخواست سيالڪوٽ ۾ ويٺل ڪنهن شخص مينيج ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب پوليس اهلڪارن محافظن بدران اغوا ڪارن جو ڪردار ادا ڪيو، پرزائينڊنگ آفيسرن کي اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او طاهر سجاد ڏنل هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اهلڪارن کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔