”منشيات جي وڪري تي ضابطو ڇو نه آيو؟“ 6 ايس ايڇ اوز ضلعي بدر!

ڪراچي:منشيات جي وڪري تي ضابطو ڇو نه آيو؟ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر 6 ايس ايڇ اوز کي ضلعي بدر ڪري ڇڏيو،

سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت، صوبي ۾ مشيات جي وڪري ۾ ملوث توڙي منشيات جي وڪري تي ضابطو نه آڻيندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن،

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ 6 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي پنهنجي ضلعن مان نيڪالي ڏئي سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

معطل ڪري ضلعي بدر ڪيل ايس ايڇ اوز ۾ ٿاڻي بولا خان جو ايس ايڇ او آدم ابڙو، ايس ايڇ او هالا غلام سرور خاصخيلي، ڪياماڙي ضلعي جي بلديه ٿاڻي جو ايس ايڇ او محمد اشفاق، ٽنڊي الهيار جي عمر ساند ٿاڻي جو ايس ايڇ او سانوڻ خان، نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او اقبال وساڻ ۽ بڙي شاهه ڪريم ٿاڻي جو ايس ايڇ او قمرالدين راهمون شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ منشيات تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔