واٽس ايپ تي مڙس کي گاريون ڏيندڙ زال مٿان عدالت پنجاهه هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو

قاهره: مصر ۾ واٽس ايپ تي پنهنجي مڙس کي گاريون ڏيندڙ عورت تي عدالت 50 هزار مصري پائونڊز(3300 ڊالر) جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. 30 ساله عورت مٿان الزام هو ته هن پنهنجي مڙس سان واٽس ايپ تي نه صرف جهيڙو ڪيو هو پر مڙس کي گارين ۽ ڌمڪين جا ميسيج به ڪيا هئا جنهن خلاف 45 ساله مڙس عدالت سان رابطو ڪيو هو.
ٻڌڻي دوران مڙس عدالت ۾ گارين سان ڀريل پيغامن جا اسڪرين شارٽس به پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ان جي گهر واري سماجي رابطي جي ايپليڪيشن کي هڪ غلط ڪم جي لاءِ استعمال ڪيو.
واضح رهي ته مصر ۾ 2003 تي ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 10 جو آرٽيڪل 76 لاڳو ڪيو ويو هو جنهن جي تحت سوشل ميڊيا جي غلط استعمال تي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔