مسجدالحرام ۾ ٻارنهن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جو داخلا بند

رياض: سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت خانه ڪعبه جي چوڌاري ۽ مسجدالحرام جي احاطي ۾ 12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب 12 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار عمري ۽ نماز جي اجازت نامن واري معيار تي پورا نٿا لهن. وزارت طرفان چيو ويو آهي ته 12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ڪلناايپ ذريعي اجازت نامو جاري نه ٿيندو.
هدايت نامي موجب ڪوبه شخص اڳواٽ اجازت کان سواءِ مسجدالحرام ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب مڪه مڪرمه ۽ مسجد نبوي ﷺ ۾ 17 آڪٽوبر تي تقريبن ڏيڍ سال کان وڌيڪ وقت کان پوءِ سماجي وٿي کي ختم ڪيو ويو هو ۽ سماجي وٿي کان سواءِ نماز ادا ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔