نيب آرڊيننس وسيلي حڪومت پنهنجي چورن کي اين آر او ڏنو آهي: احسن اقبال

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نيب بابت جاري ڪيل آرڊيننس وسيلي حڪومت پنهنجي چورن کي اين آر او ڏنو آهي، اسين لعنت ٿا وجهون عمران خان جي اين آر او تي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڄ ملڪ انتھائي پريشاني مان گذري پيو، ڪراچي شھر رتوڇاڻ ۾ ٻڏل ھو، ان وقت ميان نواز شريف ۽ سندس ٽيم ڪراچي ۾امن قائم ڪرايو. هن چيو ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا سيٽ نه ھئي پر ان باوجود به اسان ڪراچي ۾ گرين بس سروس لاء ۔25 ارب رپيا رکيا، ڪراچي کان حيدرآباد تائين موٽروي تيار ڪرايو ۽ ٻنھي شھرن کي پاڻ سان گنڍي ڇڏيو. احسن اقبال چيو ته عمران خان جي ڊرامي کي قوم سڃاڻي ورتو آھي ادارا تباھ ڪيا ويا آھن سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي ڇھن ڇھن مھينن تائين ردي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو، عمران نيازي پاڪستان جي دفاعي ادارن تي به حملا پيو ڪري، ادارن ۾ ٽڪراء واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔