حيدرآباد عدالت پاران 13 سالن کانپوءِ نوجوان کي نوڪري ڏيڻ جو حڪم

حيدرآباد : سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لطيف آباد جي رهواسي پي ايس ٽي پاس اميدوار کي 13 سالن بعد نوڪري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لطيف آباد يونٽ نمبر 9 جي رهواسي نويد حسين شاهه وڪيل ممتاز احمد لاشاري معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 2007ع دوران پي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ پاس ٿيڻ باوجود ملازمت نه ڏني وئي لاڳاپيل عدالت 2012ع دوران کاتي کي ميرٽ تي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو

اميدوار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالتي حڪم تي تعمل نه ٿيڻ بعد ٻيهر 2013ع ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي پر اڃا تائين اميدوار کي نوڪري نه ملي

ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشني عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تحت ڊي آر سي وارو مرحلو مڪمل ڪري اميدوار کي ملازمت ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري تعليم ڏانهن رپورٽ اماڻي وئي آهي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن کي حڪم ڏنو ته اميدوار کي عدالتي حڪم تحت هر صورت ۾ ملازمت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي، درخواست جي ٻڌڻي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ عدنان اقبال چودري تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔