راولپنڊي ۾ 10 ڏينهن کان پوءِ زندگي معمول تي اچي وئي، واپاري مرڪز ۽ اسڪول کلي ويا

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ 10 ڏينهن کان پوءِ زندگي معمول تي اچي وئي. مري روڊ تان سموريون رنڊڪون هٽائڻ تي شهرين سک جو ساهه کنيو. واپاري مرڪز ۽ اسڪول به کلي ويا. جاڙن شهرن کي ملائيندڙ مري روڊ جي ٻنهي طرفن کان ڪيترن ئي ڏينهن کان معطل ٿيل معمول واري زندگي بحال ٿي وئي آهي.
راولپنڊي ٽريفڪ پوليس گذريل رات ئي سمورين رنڊڪن کي هٽائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ صدر، مري روڊ کان فيض آباد تائين ٽريفڪ بحال ٿي وئي. جڏهن ته راولپنڊي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بند ميٽرو بس سروس ۽ ٻين ضلعن جي روٽس هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ به بحال ٿيڻ سان عوام سک جو ساهه کنيو.
ٻئي طرف راولپنڊي کان لاهور ۽ لاهور کان راولپنڊي هلندڙ ٽرينون اڃان تائين بحال نه ٿي سگهيون آهن. واضح رهي ته عالمن سان ڳالهين کان پوءِ حڪومت جي پابندي مڙهيل ٽي ايل پي سان طئي ٿيندڙ معاهدن جا اهم نڪتا سامهون اچي ويا. معاهدي موجب پابندي مڙهيل ٽي ايل پي لانگ مارچ ختم ڪندي. جڏهن ته ايندڙ لانگ مارچ يا ڌرڻو نه هنيو ويندو.
ڳالهين ۾ اهو به طئي ٿيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جي اڳواڻ سعد رضوي جي آزادي بابت فيصلو عدالتون ڪنديون. ان معاملي ۾ حڪومت ڪابه رنڊڪ نه وجهندي. ڪارڪنن جي آزادي قانوني طريقيڪار جي تحت ٿيندي. معاهدي ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ايل پي کي سياسي سرگرمين جي اجازت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔