وفاقي سرڪار هڪ ٻيو نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار هڪ ٻيو نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب صدر عارف علوي طرفان نيب جي ٽئين ترميمي آرڊيننس 2021 جي منظوري کان پوءِ نئون آرڊيننس جاري ڪيو آهي.
نئين ترميمي آرڊيننس جي تحت اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت داخل ريفرنس نيب جي اختيار ۾ رهندا ۽ ان حوالي سان داخل ريفرنسز تي احتساب عدالتون ئي ٻڌڻي ڪنديون. ضمانت جو اختيار احتساب عدالتن کي هوندو.
نئين نيب ترميمي آرڊيننس موجب نيب چيئرمين کي عهدو تان هٽائڻ جو اختيار صدر وٽ هوندو. نيب چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ اهوئي طريقو اختيار ڪيو ويندو جيڪو ججز جي برطرفي جي لاءِ آهي. نيب ترميمي آرڊيننس 6 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو. مني لانڊرنگ بابت 6 آڪٽوبر کان پهريان کان شروع ڪيسز اڳوڻي آرڊيننس جي تحت جاري رهي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔