گذريل 10 مهينا عوام لاءِ ڳرا ثابت، عام واهپي جي شين جا اگهه وڌندا رهيا

اسلام آباد :هلندڙ سال 2021 جا 10 مهينا مهانگائيءَ جي ستايل عوام لاءِ ڳرا رهيا.
ڳڻپ واري اداري جي انگن اکرن موجب 10 مهينن ۾ کنڊ 20 رپيا 52 پئسا في ڪلو مهانگي ٿيڻ کانپوءِ 84 رپين مان وڌي 104 رپيا 52 پئسا في ڪلو ٿي وئي، جڏهن ته ملڪ ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 120 رپيا في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي.
جنوري کان آڪٽوبر دوران 20 ڪلو اٽو 224 رپيا 72 پئسا واڌ کانپوءِ 973 رپيا 78 پئسا مان وڌي 1198 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته في ڪلو گيهه جي قيمت 101 رپيا 16 پئسا وڌي، جڏهن ته ٻاڪرو گوشت 150 رپيا 62 پئسا، ڳائو 88 رپيا 87 پئسا، بصر 3 رپيا 44 پئسا، ٽماٽو 13 رپيا 26 پئسا ۽ پٽاٽو 13 رپيا 23 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو.
ان ئي عرصي دوران ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 971 رپيا 69 پئسا مهانگو ٿيو.
ڳڻپ واري اداري موجب جنوري کان آڪٽوبر تائين في ليٽر تازو کير 7 رپيا 30 پئسا، ڏهي 8 رپيا 56 پئسا، مهري دال 27 رپيا 34 پئسا، چڻن جي دال 7 رپيا 87 پئسا ۽ ڪڪڙ جو گوشت 56 رپيا 60 پئسا في ڪلو مهانگو ٿيو.
انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي بجلي جو به وڏو ڪرنٽ هنيو ويو، في يونٽ 4 رپيا 5 پئسا مان وڌي 6 رپيا 57 پئسا تائين پهتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔