ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي لڳاتار ٻي شڪست، ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو

دبئي : ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت کي 8 وڪيٽن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڀارت جو ايندڙ مرحلي ۾ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
دبئي ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهي سگهي.
ڀارت طرفان رويندرا جديجا 26، هرديڪ پانڊيا 23، راهول 18، روهت شرما 14، رشاڀ پنت 12، ڪپتان ويرات ڪوهلي 9 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان بولٽ بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، اش سوڌي 2، سائوٿي ۽ ملني هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 14.3 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔