پنجاب ۾ ڊينگي جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، ٽن وڏين اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ جڳهه ختم

لاهور: پنجاب ۾ ڊينگي جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ لاهور جي 3 وڏين اسپتالن ۾ بيڊز ملڻ بند ٿي ويو، سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ بيڊ تي 3-3 مريضن جو علاج جاري آهي. تفصيل موجب پنجاب ۾ ڊينگي ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي.
لاهور جي ٽن وڏين اسپتالن جناح، سروسز ۽ جنرل اسپتال ۾ سمورا بيڊز ڀرجي ويا. سرڪاري اسپتالن ۾ هڪ بيڊ تي 3-3 مريضن جو علاج جاري آهي. جڏهن ته سروسز اسپتال جي ايمرجنسي ۽ وارڊز ۾ مريضن جي لاءِ جڳهه ختم ٿي وئي آهي. 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا ۽ 445 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. لاهور مان 345، راولپنڊي ۾ 33، گوجرانوالا مان 16، شيخوپوره ۽ فيصل آباد مان 8-8 ڪيسز سامهون آيا.
ان حوالي سان پنجاب جي صحت کاتي واري سيڪريٽري عمران سڪندر بلوچ چيو آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 2444 مريض علاج هيٺ آهن جن مان لاهور جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 1590 مريض داخل آهن. پنجاب جي صحت کاتي موجب هلندڙ سال پنجاب ۾ ڊينگي سبب 48 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
ٻئي طرف اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ سهولتن جي کوٽ تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا(ن) ليگ جي رابعه نصرت جمع ڪرائي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سروسز اسپتال ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ مقررڪيل بيڊز به ختم ٿي ويا آهن. ڊينگي بخار ۾ مبتلا مريضن جون قطارون لڳي ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔