ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ڪاميابين جي هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي، سيمي فائنل جي ويجهو

آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي گروپ 2 ۾ پاڪستان افغانستان کي سنسني خير مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.
آخري اوورن ۾ آصف علي ڇڪن ميچ جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو، پاڪستان جي سوڀ کي يقيني بڻائي.
پاڪستان 148 رنسن جو هدف بابراعظم ۽ آصف علي جي شاندار بيٽنگ جي ڪري 19 اوورن ۾ مڪمل ڪري ورتو.
پهرين بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ڪپتان محمد نبي ۽ گلبدين جي جارحاڻي بيٽنگ جي ڪري پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 148 رنسن جو هدف ڏنو هو.
دبئي ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ افغانستان جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽي پاڪستان کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني.
افغانستان اننگ جي آخري اوورن ۾ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪندي افغانستان جي پهرين وڪيٽ 7 رنسن تي ڪري پئي، جڏهن ته ٽيم جو اسڪور 13 رنسن تي پهتو ته ٻئي وڪيٽ به ڪري پئي.
افغانستان جي ٽئين وڪيٽ 33 رنسن تي ڪري پئي، ان دوران افغانستان جارحاڻو انداز ته اختيار ڪيو پر پنهنجي وڪيٽن جو به نقصان ڪيو، جڏهن ته 39 رنسن تي افغانستان جي چوٿين وڪيٽ ڪري پئي.
جنهن کانپوءِ ڪريم جنت 15 رنسن تي ۽ نجيب الله زادران 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
آخري اوور تائين راند کيڏندي محمد نبي ۽ گلبدين پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 148 رنسن جو هدف ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔