سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو خواب کڻي پاڪستاني ٽيم اڄ افغانستان سان مهاڏو اٽڪائيندي

دبئي: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سپر 12 مرحلي جو پنهنجو ٽيون ميچ افغانستان جي خلاف اڄ دبئي ۾ کيڏندي. ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان روشن آهن.
ٻئي طرف متحده عرب امارات(يو اي اي) جي ڪنڊيشن کي ڏسندي افغانستان کي به خطرناڪ مخالف سمجهيو پيو وڃي. پاڪستان ڀارت کي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ کي به ٻئي ميچ ۾ شڪست ڏني. هاڻ سندس مقابلو افغانستان سان آهي. افغانستان جي ٽيم به هن ٽورنامينٽ ۾ خطرناڪ مخالف جي طور تي سامهون آئي آهي. وارم اپ ميچ ۾ دفاعي چيمپين ويسٽ انڊيز کي به افغانستان جي ٽيم آساني سان شڪست ڏني. پوءِ اسڪاٽ لينڊ کي گروپ 2 جي ميچ ۾ 130 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني.
واضح رهي ته ورلڊ ڪپ 2019 ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ پاڪستان 3 وڪيٽن تان فتح حاصل ڪئي هئي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ميچ اڄ شام جو 7 وڳي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔