ڪالعدم تنظيم جو گجرانوالا ۾ ڌرڻو، راولپنڊي ۾ غير يقيني واري صورتحال، تعليمي ادارا بند

اسلام آباد: لاھور کان اسلام آباد ويندڙ ڪالعدم تنظيم جي مظاھرين گجرانوالا ۾ ديرو ڄمائي ورتو آھي، جڏھن تھ پابندي پيل تنظيم جي احتجاج سبب راولپنڊي ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي

گجرانوالا ۾ جي ٽي روڊ سوڌو شھر جون اھم شاھراھون اڄ بھ بند پيل آھن، رستا بند ٿيڻ سبب شھري پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن، سبزي منڊ ۾ گاڏيون نھ پھچڻ سبب عام واھپي جي شين جي قلت پيدا ٿي وئي آھي

شھرين جو چوڻ آھي تھ جيڪي شيون ملي رھيون آھن انھن جون قيمتون آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيون آھن، شھرين جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن رستا اھڙي طرح بند رھيا تھ ھي پريشانيون وڏي بحران ۾ پيدا ٿي وينديون

راولپنڊي ۾ مري روڊ جي آسمان ڪاروباري مرڪز ۽ اڪثر تعليمي ادارا بند پيل آھن، فيض آباد انٽر چينج کان مريڙ چوڪ صدر تائين مري روڊ ٻنھي پاسن کان ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔