نسلا ٽاورڪيرائڻ لاءِ جديد ڊيوائسز جو استعمال ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نسلا ٽاور ڪيرائڻ جي لاءِ جديد ڊيوائسز جو استعمال ڪيو وڃي اهو طريقو اختيارڪيو وڃي جهڙي طريقي سان سڄي دنيا ۾ عمارتون ڪيرايون وينديون آهن. عدالت چيو آهي ته جديد ڊيٽونيشن جو استعمال سڄي دنيا سميت ڀارت ۾ به ڪيو پيو وڃي ان ڪري يقيني بنايو وڃي ته نسلا ٽاور ڪيرائڻ جي دوران ڪوبه جاني نقصان نه ٿئي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته نسلا ٽاور ڪيرائڻ جو عمل 27 آڪٽوبر کان پوءِ هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن ته ٽاور ڪيرائڻ جو خرچ نسلا ٽاور جي مالڪ کان ورتو وڃي ۽ مالڪ رقم نه ڏئي ته ڪمشنر ڪراچي مالڪ جو پلاٽ وڪرو ڪري رقم وصول ڪري.
عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمارت ڪيرائڻ کان پوءِ ملبو به فوري طور تي کنيو وڃي ۽ ڪمشنر ڪراچي اڄ اڳڀرائي واري رپورٽ بابت عدالت کي آگاهه ڪري.
ٻئي طرف نسلا ٽاور مان رهواسين جي سامان جي منتقلي جو عمل اڃان تائين جاري آهي جڏهن ته عمارت ۾ اڃان تائين ڪجهه رهائش پذير آهن. عمارت کي خالي ڪرڻ جي مهلت گذريل ڏينهن ختم ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ ٽاور کي انتظاميه اڃان تائين پنهنجي قبضي ۾ ناهي ورتو.
نسلا ٽاور جا سمورا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا آهن ۽ ڪمشنر ڪراچي آفيس ڪنٽرولڊ بلاسٽنگ سان عمارت کي ڪيرائڻ جي لاءِ اشتهار به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔