ڪورونا جو زور گهٽجڻ لڳو، هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت، 700 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 9 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 414 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 71 هزار 27 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 706 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 39 هزار 653، سنڌ ۾ 4 لک 68 هزار 776، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 77 هزار 723، بلوچستان ۾ 33 هزار 220، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 387، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 813 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 455 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ م هينئر تائين 2 ڪروڙ 6 لک 60 هزار 167 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 486 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 19 هزار 174 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزا 408 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 9 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 414 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 904، سنڌ ۾ 7 هزار 557، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 733، اسلام آٻاد ۾ 938، بلوچستان ۾ 356، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔