سپريم ڪورٽ گهٽين، پاڙن ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سپريم ڪورٽ وڏن قبصن بعد رستن، گهٽين، پاڙن ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جا سمورا ميونسپل ڪمشنرز کي طلب ڪيو ويو آھي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ميونسپل ڪمشنرز حددخليون هٽائي رپورٽ پيش ڪن، حيدرآباد، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي ميونسپل ڪمشنر کي نوٽيسز، ڄامشورو، بدين، جيڪب آباد، ٺٽو، لاڙڪاڻو ۽ سکر جا ميونسپل ڪمشنرز طلب، سپريم ڪورٽ سانگهڙ، ڪمشور، خيرپور، مٽياري، شڪارپور، ٿرپارڪر ۽ سجاول جي ميونسپل ڪمشنرز کي طلب ڪري ورتو آھي

عدالت طرفان ميرپور خاص، قمبر، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز، شهدادڪوٽ ۽ بينظيرآباد جي ميونسپل ڪمشنرز کي رپورٽ سوڌو طلب ڪيو ويو آھي، ڪراچي جي به سمورن ڊي ايم سي ايڊمنسٽريٽرز کي رستن، پاڙن، گهٽين ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔