پاڪ فوج ملڪ جي سلامتي لاءِ ڪنهن به چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

ملتان: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز(آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سدرن ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽر ملتان جو دورو ڪيو. سدرن ڪمانڊ اچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمد چراغ حيدر آرمي چيف جو استقبال ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪوٽ عبدالحڪيم ۾ اسٽرائڪ ڪور جي تربيتي مشقن جو مشاهدو ڪيو ۽ مشقن ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون. آرمي چيف چيو ته مشقون جنگي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ پيشه وارانه مهارتن کي نکارينديون آهن. پاڪ فوج بهترين، تربيت يافته ۽ آزمايل فوج آهي. فوج پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي کي پيش ايندڙ ڪنهن به چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.
آرمي چيف چيو ته چيلنجز جي باوجود اسان جو ڌيان پاڪ فوج جي روايتي صلاحيتن کي وڌائڻ تي آهي. ايئر ڊيفينس، سائبر ۽ ميڪانائزيشن جي صلاحيتن ۾ اضافو ترجيح آهي. هن چيو ته تربيت يافته ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس فوج ئي ملڪ جي خودمختاري ۽ سالميت جي حفاظت ڪري سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔