ايم ڪيو ايم وفاقي سرڪار کان عليحدگي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) ايم ڪيو ايم وفاقي سرڪار کان عليحدگي( الڳ ٿيڻ ) جو اشارو ڏئي ڇڏيو،

ايم ڪيو ايم جي ذميوارن جي ڪوٺايل اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته جيستائين مڪاني چونڊون ٿين، تيستائين اهي ئي بلدياتي نمائندا ڪم پنهنجو جاري رکن، جيڪي اڳ ۾ ڪم ڪندا هئا،ماڻهو اسان مان اميد لڳائي ويٺل آهن، جيڪڏھن حڪومت مسئلا حل نه ڪندي ته اسين پاڻ عوامي مسئلا حل ڪنداسين، جيڪي ماڻهو حڪومتي بينچن تي ويهڻ چاهين ٿا، اهي ايم ڪيو ايم سان اميد لڳائي ويٺا آهن، اسين ڪنهن جا آله ڪار نه ٿينداسين،

هن چيو ته جنهن ڏينهن اسانجي حجت ختم ٿي وئي، انهي ڏينهن حڪومت ئي نه پر ايوان به ڇڏي ڏينداسين، اسانکي ليڊر نه ڪارڪن گهرجن، جنهن کي ايم ڪيو ايم ۾ اچڻو آهي ته غير مشروط ٿي اچي، ايم ڪيو ايم جو هر ڪارڪن ليڊر آهي، جنهن کي ذميواري جو احساس هوندو آهي، حڪومت جيڪڏھن عوامي مسئلا حل نه ڪيا ته اسين شيڊو ڪابينا ٺاهينداسين،

هن چيو ته اسانجي گم ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، اهو رڳو اسانجو نه پر پوري پاڪستان جو مسئلو آهي، جيڪڏهن اسان کانسواءِ جمهوريت هلي ٿي ته اسين حڪومت کان الڳ ٿي وينداسين، باقي عجيب بيان ڏنا وڃن ٿا ته فوج ۽ حڪومت هڪ ئي پيج تي آهن، فوج جو نالو کڻي تڪراري ڇو ٿو بڻايو وڃي؟ فوج حڪومت جي ماتحت آهي، پاڪستاني فوج محب وطن فوج آهي، فوج جي معاملن تي سياستدانن کي به سياست نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏھن قوم کي ضرورت آھي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔