پنهنجن ماڻهن تي اک رکو: بلوچستان جي وڏي وزير جو وزيراعظم کي مشورو

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو آهي ته هو اوسي پاسي موجود پنهنجن ماڻهن تي نظر رکي ۽ وزيراعظم کي گهرجي ته هو پنهنجي وفاقي سطح جي پارٽي ميمبرن کي چوي ته هو بلوچستان جي گهرو معاملن ۾ مداخلت نه ڪن ته جيئن پي ٽي آءِ بلوچستان صوبي اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي

ڄام ڪمال اهڙو اظهار پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ ڪيو، بلوچستان جي وڏي وزير پنهنجي هڪ ٻي ٽويٽ ۾ ناليواري مفڪر ابن عربي جو هڪ مشهور قول به پيش ڪيو ۽ چيو ته صوبي ۾ هيءَ سياسي تحريڪ بلوچستان ۽ پاڪستان جي سياست ۾ هڪ نئين دور جي شروعات هوندي. هن چيو ته ٻن مهينن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون کلي سامهون آيون آهن، ماڻهن جا چهرا ۽ سياست جا نام نهاد اصول سامهون آيا آهن. لالچ ۽ اقتدار جي هٻڇ، سازشن ۽ ڪيترن ئي هيروز کي به ڏٺو

بلوچستان جي وڏي وزير هڪ ٻئي ٽويٽ ۾ پنهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اقتدار ۽ لالچ جا بکيا پنهنجو اهو شوق به پورو ڪري وٺن، صوبي کي ٿيندڙ نقصانن جا ذميوار بي اي پي جو ناراض گروپ، پي ڊي ايم ۽ ڪجهه مافيائون هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔