بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون ڪامياب، ٽي ايل پي خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ۽ بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، سرڪار پاران اڱاري اربعا تائين ٽي ايل پي خلاف ڪيس واپس ورتا ويندا. اهڙو اعلان گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو

شيخ رشيد چيو ته بندش پيل تنظيم سان ڳالهيون هلندڙ هيون، ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي سان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ون ٽو ون ملاقات به ٿي. بندش پيل تنظيم خلاف داخل ڪرايل ڪيس اڱاري اربعا تائين واپس ورتا ويندا ۽ سعد رضوي جي آزادي بابت به ڪم هل رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته رياست ڪنهن جي به آڏو نه جهڪي آهي، رياست جو ڪم رڳو ڏنڊو هلائڻ نه هوندو آهي، مذهبي قوتن سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون

وفاقي گهرو وزير چيو ته سومر ڏينهن ٽي ايل پي جو هڪ وفد گهرو وزارت جي آفيس ايندو، ڳالهين جي ان مرحلي ۾ رهيل معاملا به طئي ڪيا ويندا. حڪومت جو اهو ڪم نه آهي ته جوڊو ڪراٽي ڪري. پي ڊي ايم نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ٽريلر هلائيندي آهي، پر عمران خان جي حڪومت 5 سال پورا ڪندي. عمران خان سان گڏ آيو هيس ۽ عمران خان سان گڏ ئي ويندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔