ترڪ صدر جو آمريڪا سوڌو 10 ملڪن جي سفيرن کي اڻ وڻندڙ قرار ڏيڻ جو حڪم

ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان آمريڪا ۽ ڪينيڊا سميت 10 ملڪن جي سفيرن کي نا پسنديده (اڻ وڻندڙ) قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پرڏيهي خابرو اداري موجب اڻ وڻندڙ قرار ڏنل ملڪن جي سفيرن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، فرانس، ڊينمارڪ، فن لينڊ، هالينڊ، نيوزيلينڊ، ناروي ۽ سوڊان شامل آهن

هنن سفيرن غداري ۽ بغاوت جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ عثمان ڪوالا جي حمايت ۾ بيان ڏنو هو جنهن ڪري ترڪ صدر جو اهڙو بيان سامهون آيو آهي

ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته جن سفيرن کي ترڪيءَ جي سمجهه نه پئي اچي انهن کي ملڪ ڇڏڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔