مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪنداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ مهانگائي جي جن کي جلد بوتل ۾ بند ڪنداسين

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي فيٽف، افغانستان ۽ ملڪ جا معاشي مسئلا به ڏسڻا آهن. فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان يورپ مان به نڪري وينداسين. پي ڊي ايم هجي يا ٽي ايل پي، قانون جي دائري ۾ رهي جيڪو به احتجاج ڪندو ان کي ڪجهه به نه چيو ويندو، پر جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف قانون ايڪشن ۾ ايندو

شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن گذريل ٽن سالن کان احتجاج ڪري رهي آهي. وزيراعظم عوام جي مسئلن کان آگاهه آهي ۽ عمران خان جي قيادت هيٺ ئي مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ امن امان جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔