آمريڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ پنهنجو سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: آمريڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو.

وائيٽ هائوس موجب ڊونلڊ ارمن بلوم کي پاڪستان ۾ نئون آمريڪي سفير نامزد ڪيو ويو آهي، هن کان اڳ ڊونلڊ بلوم تيونس ۾ آمريڪي سفير به رهي چڪو.

وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ بلوم هڪ سينيئر فارين سروس ڪيريئر ميمبر آهي، هو اسرائيل ۾ قونصل جنرل جون خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ڪابل سفارتخاني ۾ سياسي قونصل طور ڪم به ڪري چڪو آهي.

ڊونلڊ بلوم قاهره، بغداد ۽ ڪويت ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، بلوم مشي گن يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي ۽ عربي ڳالهائي سگهي ٿو.

ڊونلڊ بلوم جي پاڪستاني ۾ سفير طور مقرريءِ جي لاءِ آمريڪي سينيٽ اڃا منظوري ناهي ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔