ڪورونا وبا 40 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون 800 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 24 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 252 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 63 هزار 664 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 893 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 37 هزار 672، سنڌ ۾ 4 لک 65 هزار 175، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 650 بلوچستان ۾ 33 هزار 114، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 366، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 402 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 385 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ هڪ لک 15 هزار 188 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 589 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 8 هزار 438 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 13 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 24 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 252 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 833، سنڌ ۾ 7 هزار 525، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 679، اسلام آباد ۾ 937، بلوچستان ۾ 352، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔