پيٽرول مهانگو ڪري حڪومت عوام کان پنهنجي نااهلي جي قيمت وصول ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي بلاول ڀٽو چيو آهي ته پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائي تحريڪ انصاف ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي. پيٽرول مهانگو ڪري حڪومت عوام کان پنهنجي نااهلي جي قيمت وصول ڪري رهي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پ پ جي دور ۾ عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌيون ته اسان ان جو بار عوام مٿان نه وڌو.
پيپلز پارٽي جي عوام دوست حڪومت ئي ملڪ کي مهانگائي جي سونامي کان بچائي سگهي ٿي. بجلي، پيٽرول، ڊيزل مهانگو ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته عمران خان عوام دشمن وزيراعظم آهي. طالم حڪومت کان ڇوٽڪاري جي لاءِ عوام منهنجو ساٿ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔