سنڌ جي525 سي اين جيز جي اڄ کان 9 ڏينهن گيس بند

ڪراچي : سوئي سدرن گيس ڪمپني گيس پريشر ۾ گھٽتائي سبب اڄ ڇنڇر 16 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين 9 ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنن کي گيس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان حوالي سان سوئي سدرن گيس ڪمپني جي اختيارين پاران پڌرائي جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته مختلف گيس فيلڊن مان سوئي سدرن گيس ڪمپني کي گيس فراهمي ۾ گھٽتائي ٿي آهي، جنهن ڪري گھريلو ۽ڪمرشل صارفين کي گيس پهچائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اڄ 16 آڪٽوبر تي صبح 8 وڳي کان 25 آڪٽوبر تي رات 8 وڳي تائين صوبي جي 525 سين اين جيز  کي  گيس فراهمي بند رهندي،

سوئي سدرن گيس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گيس جي پريشر جو جائزو ورتو پيو وڃي، جيئن ئي پريشر ۾ بهتري ايندي، تيئن ئي سي اين جي اسٽيشنن کي گيس فراهمي شروع ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔