آريان جي ضمانت نه ٿي سگهي، اين سي بي اهم ثبوت ملڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ممبئي: شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي گذريل ڏينهن به ضمانت نه ٿي سگهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ممبئي جي مقامي عدالت ۾ آريان جي ضمانت جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ آريان کي وڌيڪ وقت جيل ۾ گذارڻو پوندو. عدالت چيو ته آريان جي درخواست تي ضمانت جو فيصلو 20 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.
ٻڌڻي دوران نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول بيورو آريان جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي دعويٰ ڪئي ته کين آريان جي خلاف منشيات جي خريداري ۽ ورهائڻ جي حوالي سان شاهديون مليون آهن.
اين سي بي چيو آهي ته آريان ڪجهه سالن کان باقاعده منشيات استعمال ڪري رهيو آهي. جوابدار منشيات اسمگلنگ سميت منشيات جي خريداري ۽ ورهاست ۾ به ملوث آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورتن موجب اين سي بي کي آريان خان جا پرڏيهي ملڪن ۾ ڪجهه اهڙن ماڻهن سان رابطن جون شاهديون مليون آهن جيڪي منشيات جي خريداري لاءِ انٽرنيشنل ڊرگ نيٽ ورڪ جو حصو آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔