اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي طبيعت خراب آءِ سي يو منتقل

واشنگٽن: اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلٽن جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن کي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي آئروائن ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي هو آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ڊاڪٽرن اڳوڻي صدر کي رت ۽ پيشاب جي انفيڪشن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ڊاڪٽرن اڳوڻي صدر جي طبيعت کي وقت تي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو آهي جتي کيس اينٽي بائيوٽڪس دوائون ڏنيون ويون آهن.
آمريڪي ميڊيا موجب بل ڪلنٽن جي ذاتي معالج جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر جي خراب طبيعت کي نظر ۾ رکندي کيس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رکيو ويندو. جڏهن ته بل ڪلنٽن کي ڪنهن سنگين طبي مسئلن جي بجاءِ ان جي پرائيويسي ۽ سيفٽي جي لاءِ آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي.
ڊاڪٽرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته بل ڪلنٽن جي طبيعت بهتر آهي هو پنهنجي گهر ڀاتين ۽ اسٽاف سان به رابطي ۾ آهي. جڏهن ته کيس اسپتال ۾ واڪ به ڪرائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔