پيٽرول هڪ دفعو ٻيهر مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت طرفان هڪ دفعو ٻيهر پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جو امڪان آهي.
تفصيل موجب پيٽروليم شيون هڪ دفعو ٻيهر مهانگيون ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري اماڻي ڇڏي آهي. اوگرا طرفان پيٽرول 10 روپيه في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه 90 پئسا في ليٽر اضافي جي تجويز غور هيٺ آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل 10 روپيه في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز آهي. قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو.
نئين قيمتن جي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو. پيٽروليم ليوي ۽ سيلز ٽيڪس گهٽ ڪري عوام کي ريليف فراهم ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته پندرنهن ڏينهن اڳ 30 سيپٽمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 8.82 روپين تائين واڌ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔