اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وار جاري، هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ، هڪ مريض فوت

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ موذي وائرس وڌيڪ هڪ ڄڻي کان حياتي کسي ورتي آهي.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زعيم ضياءَ ٻڌايو ته ڊينگي سبب وڌيڪ هڪ شهري فوت ٿي ويو آهي. متاثر شخص پمز اسپتال ۾ داخل هو.
ڊاڪٽر زعيم ضياءَ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هينئر تائين 6 ڄڻا ڊينگي سبب فوت ٿي چڪا آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 121 شهري ڊينگي سبب بيمار ٿيا جنهن کان پوءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ وائرس وگهي متاثر ماڻهن جو انگ 1649 ٿي ويو آهي.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٻڌايو ته ڊينگي سبب ٿيندڙ 5 فوتگيون اسلام آباد جي ڏورانهين علائقن مان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔