ذلفي بخاري ڪيس کٽي ويو: ريحام خان کي 50 ھزار پائونڊ ھرجاڻو ڀريندي

لنڊن : وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي خاص معاون ذلفي بخاري لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ ريحام خان خلاف ڪيس کٽي ورتو، لنڊن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد ريحام خان ذلفي بخاري کي ڪيس جا خرچ ۽ هرجاڻو ادا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو

ريحام خان کي 50هزار پائونڊ هرجاڻو ادا ڪرڻو پوندو، وڊيو بيان ۾ ريحام خان ذلفي بخاري کان معافي گهري ورتي، 6سيپٽمبر 2019 تي ريحام خان زلفي بخاري تي الزام هنيا هئا، ذلفي بخاري جو چوڻ آهي ته سچ جي هميشه ڪاميابي ٿيندي آهي، ريحام خان عوام سامهون معافي ورتي ۽ ڏنڊ به ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔