ڪورونا جي چوٿين لهر 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 27 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 228 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 62 هزار 771 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 86 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 37 هزار 316، سنڌ ۾ 4 لک 64 هزار 746، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 501، بلوچستان ۾ 33 هزار 108، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 363، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 357 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 380 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 98 هزار 599 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 53 هزار 590نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 94 هزار 590 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 131 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 27 مريض فوت ٿيا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 228 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 821، سنڌ ۾ 7 هزار 520، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 673، اسلام آباد ۾ 936، بلوچستان ۾ 352، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔