بحريا ٽائون آڏو ڌرڻو ڪيس:هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي جلد ٽرائل جو حڪم

ڪراچي: بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي ڪيس ۾ هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي جلد ٽرائل جو حڪم ڏنو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي جي نقل ڪاپي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

پوليس 30 ايف آءِ آرز سي ڪلاس ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آھي، پوليس ۽ بحريا ٽائون انتظاميا جي فرياد تي داخل 2 ڪيس چالان ڪيا ويا، جن جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو ويندو، درخواستن تي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻن ڪيس ۾ 56 ڄڻا نامزد آهن، جن مان 6 ڪارڪن جيل ۾ آهن

 عدالت سوال ڪيو ته اهُي 6 ڪارڪن جيل ۾ ڇو آهن؟، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته انُهن ڪارڪنن اڃا تائين ضمانت ناهي ڪرائي، عدالت ٽرائل ڪورٽ کي جلد معاملو اڪلائڻ جي هدايت ڪندي سيد جلال محمود شاهه ۽ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔