وزيراعظم ملڪ کي قانون بدران جادو ٽوڻي سان ھلائي ٿو، اھم مقرريون به جن ڪن ٿا: مريم

اسلام آباد: نواز ليگ صدر مريم نواز چيو آھي ته ملڪي سلامتي سان واڳيل اهم مقرريون به جادو ٽوڻي سان ٿين ٿيون، وزيراعظم بدران جنِ مقرريون ڪندا ته ملڪ جو تماشو ئي ٿيڻو آهي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالھائيندي مريم نواز چيو ته اهم مقررين تي مسئلو آئيني اختيارن جو نه، پر حڪومت کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ مهلت ڏيڻ جو آهي، هڪ ماڻهو جي مقرري تي ادارن ۽ ملڪ جو تماشو بڻايو ويو ھن چيو تھ عمران خان، نواز شريف ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، شينهن جِي کل پائڻ سان ڪو شينهن ناهي ٿيندو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عمران خان جو آئيني اختيارن ۽ جمهوري اصولن سان ڪوبه واسطو ناهي، هو آئيني ۽ چونڊيل وزيراعظم نه آهي مريم نواز چيو تھ عمران خان نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي وزير اعظم جي ڪرسي تي قابض ٿي ويو، قابض وزيراعظم ملڪ کي آئين ۽ قانون بدران جادو ٽوڻي سان هلائي رهيو آهي، عمران خان کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔