ملڪ ۾ ڪورونا جو زور گهٽجڻ لڳو، هڪ ڏينهن دوران 21 مريض فوت

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي 21 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 173 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 60 هزار 669 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 21 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 36 هزار 720، سنڌ ۾ 4 لک 63 هزار 703، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 76 هزار 194، بلوچستان ۾ 33 هزار 92، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 359، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 241، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 360 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 99 لک 97 هزار 75 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 578 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 91 هزار 425 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 2 هزار 257 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 21 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 173 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 800، سنڌ ۾ 7 هزار 505، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 657، اسلام آباد ۾ 935 ، بلوچستان ۾ 350، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 740 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔