سنڌ هاءِ ڪورٽ سردار ۽ برهان چانڊيو جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي: نيب ترميمي آرڊيننس ٿيڻ بعد احتساب عدالتون ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي ڪنديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي آھي. جسٽس اقبال ڪهلوڙو درخواستگذارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي 10 ڏينهن جي عبوري ضمانت ڏيون ٿا، پوءِ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت سردار چانڊيو، برهان چانديو ۽ ٻين جي عبوري ضمانت 10 ڏينهن لاءِ منظور ڪندي کين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔