نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ جوابدارن پاران ڪيسز ختم ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع

ڪراچي: نيب ترميمي آرڊيننس جي منظوري کانپوءِ جوابدارن نيب جا ڪيسز ختم ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي. نيب ترميمي آرڊيننس جي منظوري کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن اسلام آباد جي احتساب عدالتن سان رابطو ڪري ورتو، جن ۾ فراڊ ، دوکو ۽ يا ٻيا نيب ڪيسز ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. جوابدارن جو موقف آهي ته نيب جو دائرو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪيسن کي ختم ڪيو وڃي. ان کان علاوهه ايل اين جي ريفرنس ۾ جوابدارن نيب ترميمي آرڊيننس جي بنياد تي ريفرنسز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نيب ريفرنسز ختم ڪرڻ تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته ڪابينا جي فيصلن ۾ جيڪي نيب کان ڇوٽ ڏنا ويا آهن اهي 6 آڪٽوبر کانپوءِ اچڻ وارن فيصلن تي هوندو. احتساب عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔