پاڻي ورڇ رڳو 91ع واري ٺاهه تحت قبول آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ پاڻي ورڇ رڳو 91ع واري ٺاهه تحت قبول آهي، ارسا کي پابند بڻايو ته خريف جي مند ۾ لنڪ ڪئنالز نه کولي، منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ٿيو آهي، انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ پاڻي گهربل آهي سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه پاڻي مامرن بابت وفاقي وزير مونس الاهي سان ملاقات ۾ ڳالهيون ڪيون، مراد علي شاهه وفاقي وزير کان ارسا جون زيادتيون بند ڪرائڻ جو مطالبو به ڪيو، وفاقي وزير مونس الاهي سنڌ جي شڪايتن کي جائز قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻين صوبن جو موقف وٺڻ بعد گڏجي ويهي پاڻي مسئلو حل ڪيو ويندو آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته مونس الاهي آڏو پاڻي نه ملڻ سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر پيش ڪيا، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ آهي، ارسا جي زيادتين خلاف پ پ احتجاج به ڪندي رهي آهي، ٻين پارٽيز کي به چئون ٿا ته وفاق مٿان دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ساٿ ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔