فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ جي هم شڪل پاڪستاني ٻار جي وڊيو وائرل

عام طور تي اها ڳالهه مشهور آهي ته ڪنهن به انسان جا دنيا ۾ 7 هم شڪل موجود هوندا آهن.
هم شڪل ماڻهو ڇو هوندا آهن ۽ ڪيئن، قدرت جي ان ڳجهارت کي ماهر هن وقت تائين ناهن پروڻي سگھا، پر ها ان ڳالهه تي ضرورت متفق آهن دنيا ۾ هم شڪل موجود آهن.
اوهان ان کان اڳ مختلف رانديگرن، اداڪارن يا شخصيتن جا هم شڪل ڏٺا هوندا.
۽ هاڻ فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي باني مارڪ زڪربرگ جي هم شڪل ٻار جي وڊيو سامهون آئي آهي، جيڪو گلگلت بلتستان جي علائقي اسڪردو ۾ موجود آهي ۽ اهو ڪو نوجوان يا وڏو عمر جو ماڻهو نه پر 12 ورهين جو ٻار آهي.
پنجاب صوبي کان سياحت لاءِ اسڪردو ويندڙ نوجوان مارڪ زڪربرگ جي هم شڪل ٻار کي ڏسي حيران ٿي ويو، اهو ئي سبب آهي جو هن اها وڊيو ٺاهي انٽرنيٽ تي شِيئر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔