رميز راجا وڏي عمر جي ڪرڪيٽرن جي پريشاني ختم ڪري ڇڏي

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته 30 سالن کان وڌيڪ عمر جي ڪرڪيٽرن کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، تجربي ڪار سينيئر اڄ به نوجوان ڪرڪيٽرن کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهن.
رميز راجا نجي هوٽل ۾ ڊوميسٽڪ ٽيمن جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين حاضر دور جي تقاضن موجب راند کيڏڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته اٽيڪنگ ڪرڪيٽ کيڏو، وڪيٽ تي بيهڻ به ضروري آهي، اسان جي ڪرڪيٽ سٺي هوندي ته عالمي ٽيمون پاڪستان اينديون.
ان دوران هڪ ڪرڪيٽر چيو ته 30 سالن کان ڪير مٿي وڃي ته ان کي ناهي کيڏايو ويندو، جنهن تي رميز راجا چيو ته سڀ رانديگر محنت ڪن، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي، رڳو ميرٽ تي سليڪشن ٿيندي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن جا معاوضا اڃا وڌائينداسين.
سندس چوڻ هو ته 30 سالن کان وڌيڪ عمر جي ڪرڪيٽرن کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، تجربي ڪار سينيئر اڄ به نوجوانن کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهن.
پي سي بي چيئرمين سرفراز احمد جو نالو وٺي سندس ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي، گڏوگڏ هن انور علي ۽ رومان رئيس جي واپسي کي به ساراهيو.
ان دوران هن احمد شهزاد کي چيو ته ڪو سينيئر جونيئر ناهي، جيڪو پرفارم ڪندو ان جي سليڪشن تي غور ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔