پي آءِ اي جي گريڊ ۾ عالمي سطح تي ترقي

ڪراچي : عالمي فضائي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (اياٽا) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن کي ايندڙ درجي ۾ ترقي ڏئي ڇڏي.
انٽرنيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (اياٽا) قومي ايئر لائن جي ڪارڪردگي جو اعتراف ڪندي ان کي اين ڊي سي گريڊ فور سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو ڊيٽا جي پهچ ۽ معيار کي اختيار ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي.
پي آءِ اي موجب اين ڊي سي فور مسافر کي سامهون، واءِ فاءِ ۽ کاڌي جي بڪنگ الڳ الڳ ڪرڻ جي اجازت فراهم ڪري ٿو، پي آءِ اي انٽرنيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن ڊيٽا تي ٻڌل اين ڊي سي جي گريڊ 5 تائين پهچي چڪو آهي.
پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته قومي ايئر لائن طرفان اين ڊي سي گريڊ گور تائين ڊيٽا جي پهچ کي يقيني بڻائي چڪو آهي، پي آءِ اي مسافرن جي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔