وفاقي وزير علي امين گنڊاپورمٿان سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

اسلام آباد: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور طرفان مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڏنل انوکي نُسخي تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور آزاد ڪشمير ۾ عوامي ميڙ کي خطاب دوران چيو هو ته اسان ايڏا بي حس ٿي ويا آهيون جو ملڪ خاطر کنڊ جي سئو داڻن مان 9داڻا نٿا گهٽائي سگهون، ماني جي 100گرهن مان 9 گرهه ڇو نٿا گهٽائي سگهون، اسان کي پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻا پوندا، پي ٽي آءِ حڪومت ڳئون جي کير سان بالٽيون ڀري ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔