ڪڻڪ جو حدف پورو ڇونه ٿيو؟ 14 ضلعن جي ڊي ايف سيز ۽ اي ايف سيز بدلي

ڪراچي: خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جو هدف مڪمل نه ڪرڻ بعد 14 ضلعن جي ڊي ايف سيز ۽ اي ايف سيز جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن جڏهن ته 5 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو اهي. ميرپور خاص ۾ 15 گريڊ جي عملدار حسن مگسي کي ڊي ايف سي جي لوڪ آفٽر چارج حوالي ڪئي وئي. نوشهروفيروز جي اسسٽنٽ ڊي ايف سي اسلم قريشي کي هٽائي قاضي رفيق کي اي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ اسسٽنٽ ڊي ايف سي حاڪم مهر کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، آغا ذوالفقار نئون اسسٽنٽ ڊي ايف سي مقرر ، حيدرآباد جي ڊي ايف سي روشن منگي کي هٽائي محمد علي چنڙ کي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو. ڄامشورو مان فراز عالم کي هٽائي شهزاد حيدر شاهاڻي کي ڊي ايف سي مقرر ڪيو ويو . عمرڪوٽ مان علي محمد ٽالپر کي هٽائي رپورٽ ڪرايو ويو، غلام علي سومرو ڊي ايف سي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو. دادو مان منصور ميراڻي کي بدلي ڪري ڊي ايف سي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔